اسرائيلي پرڏيهي وزير جو  سعودي عرب جو دورو ڪرڻ جو امڪان

اسرائيلي پرڏيهي وزير جو سعودي عرب جو دورو ڪرڻ جو امڪان

يروشلم (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي پرڏيهي وزير جي سعودي عرب جي دوري جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب اسرائيلي پرڏيهي وزير ايلي ڪوهن اسرائيلي فوجي ريڊيو سان ڳالهائيندي چيو ته سعودي عرب جو دورو ميز تي آهي پر تاريخ جو اڃا فيصلو ناهي ڪيو ويو.اسرائيلي پرڏيهي وزير چيو ته هڪ عرب ملڪ هن سال به اسرائيل سان لاڳاپا معمول تي آڻيندو، آمريڪي سينيٽر لنز گراهام سعودي ولي عهد سان سعودي اسرائيل لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.هن چيو ته سعودي عرب جو دشمن ايران آهي، اسرائيل نه، سعودي ايران لاڳاپن ۾ اڳڀرائي اسرائيل لاءِ ڀليڪار ٿي سگهي ٿي.اسرائيلي پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته سعودي ايران لاڳاپا سعودي اسرائيل جي لاڳاپن جو سبب بڻجي سگهن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو