ڪينيا جو ارشد شريف قتل ڪيس ۾ وڌيڪ سهڪار کان انڪار

ڪينيا جو ارشد شريف قتل ڪيس ۾ وڌيڪ سهڪار کان انڪار

نيروبي (ويب ڊيسڪ)ڪينيا هڪ ڀيرو ٻيهر صحافي ارشد شريف قتل ڪيس ۾ وڌيڪ سهڪار کان انڪار ڪري ڇڏيو.سپريم ڪورٽ جي سوموٽو نوٽيس تي پاڪستان ڪينيا اختيارين کي خط لکي ارشد شريف قتل ڪيس جي نئين جاچ جي اجازت گهري هئي.جڏهن ته خط جي جواب ۾ ڪينيا عملدارن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي عمر شاهد حامد ۽ اطهر وحيد جاچ ۾ مڪمل تعاون ڪيو هو.ڪينيا اختيارين جو چوڻ آهي ته ارشد شريف قتل ڪيس ۾ گهربل سهڪار فراهم ڪيو آهي، سپريم ڪورٽ جو حڪم پاڪستان جو اندروني معاملو آهي.ڪينيا اختيارين 5 کان وڌيڪ ڀيرا پاڪستان جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، پاڪستان ۽ ڪينيا جي اختيارين عدم تعاون جي تصديق ڪئي وئي.ذريعن موجب پاڪستاني جاچ آفيسرن جي رپورٽ ۾ ڪينيا جي اختيارين تي تنقيد تي مقامي ادارا سخت ناراض آهن، ڪينيا حڪومت جي ارشد شريف قتل ڪيس جي جاچ رپورٽ اڃا تائين شايع ناهي ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو