جنهن مقام تي آهيان ان ۾ خاندان جو ڪو به ڪردار ناهي: مومل شيخ

جنهن مقام تي آهيان ان ۾ خاندان جو ڪو به ڪردار ناهي: مومل شيخ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا ۽ پروڊيوسر مومل شيخ چيو آهي ته اڄ مان جنهن پوزيشن تي آهيان ان ۾ پيءُ يا خاندان جو ڪو به ڪردار ناهي، محنت ڪري هي مقام حاصل ڪيو آهي.فلم هجي يا ڊراما انڊسٽري هر روز پنهنجا نوازي جون خبرون گردش ڪنديون آهن ته سينيئر اداڪار جي پٽ کي بنا ڪنهن ڪوشش جي ڪنهن ڊرامي ۾ مرڪزي ڪردار لاءِ ڪاسٽ ڪيو ويو آهي، جنهن تي شوبز انڊسٽري جي اداڪارن سان گڏ مداح به ان عمل کي تنقيد جو نشانو بڻائيندا آهن.تازو ئي ندا ياسر جي پروگرام ۾ مومل شيخ ۽ گلوڪار جنيد خان شرڪت ڪئي.مومل شيخ جو واسطو شوبز جي مشهور خاندان سان آهي، سندس پيءُ جاويد شيخ شوبز انڊسٽري جو وڏو نالو آهي، جڏهن ته ڀاءُ شهزاد شيخ به مشهور اداڪار طور سڃاتو وڃي ٿو، ان کانسواءِ خاندان جا ٻيا ماڻهو به ساڳئي شعبي سان لاڳاپيل آهن.مومل شيخ ۽ سندس ڀاءُ تي به اڪثر پنهنجا نوازي جا الزام لڳايا ويا پر انهن هر ڀيري ترديد ڪئي آهي.ندا ياسر جي پروگرام ۾ اداڪارا ان بابت کلي ڳالهايو ۽ چيو ته شروعات ۾ هوءَ پنهنجي پيءُ جي شهرت ۽ انڊسٽري ۾ پنهنجا نوازي جي ڪري ڪم لاءِ پروڊيوسر سان رابطوڪرڻ کان لنوائيندي هئي، پر کيس احساس ٿيو ته هن کي پنهنجو سفر پاڻ ئي طئي ڪرڻو آهي.مومل ٻڌايو ته اداڪار کي بڻائيندڙ به عوام آهي ۽ ڪيرائيندڙ به، عوام تعريف ڪندو ته اسان کي ڪم ملندو نه ته نه ملندو، پنهنجي پيءُ جي هدايتڪاري ۾ به ڪم ناهي ڪيو.جنهن تي جنيد خان چيو ته اداڪار جو پٽ يا ڌيءَ کي ان ڪري ڪاسٽ ڪيو ويندو آهي ڇو جو عوام ڊمانڊ ڪندو آهي، شروع جي پروجيڪٽ ۾ پروڊيوسر اداڪار جو ڪم ڏسندا آهن پر جيڪڏهن ان کان پوءِ به هو لاڳيتو ڊرامن ۾ ڪاسٽ ٿي رهيو آهي ته اها پنهنجا نوازي ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو