اسلام آباد(بيورو رپورٽ)عام چونڊن جي تاريخ لاءِ عيدالفطر کان پوءِ آل پارٽيز ڪانفرنس (اي پي سي) ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته جماعت اسلامي جي صدارت هيٺ آل پارٽيز ڪانفرنس ٿيڻ جو امڪان آهي.عمران خان ۽ شهباز شريف کي اي پي سي ۾ دعوت ڏيڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو آهي.اي پي سي جي ايجنڊا ۾ هڪ نقطو عام چونڊن جي تاريخ مقرر ڪرڻ هوندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته جماعت اسلامي چاهي ٿي ته حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ چونڊن جي تاريخ تي اتفاق ٿي وڃي.ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت کي آڪٽوبر کان اڳ چونڊون ڪرائڻ تي راضي ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن، جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف مئي کانپوءِ چونڊون ڪرائڻ تي راضي ٿي ويندي ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته مسلم ليگ (ن) جي سعد رفيق ۽ اياز صادق کي جماعت اسلامي سان لاڳاپا وڌائڻ لاءِ گرين سگنل ملي ويو آهي.جماعت اسلامي، پي ٽي آءِ، مسلم ليگ ن جي نامزد وفدن سان وڌيڪ ڳالهين جو به امڪان آهي.امير جماعت اسلامي سراج الحق جي وزيراعظم شهباز شريف ۽ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سان ابتدائي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.










