خضدار (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي علائقي خضدار نيشنل هاءِ وي تي ٽريفڪ حادثي جي نتيجي ۾ 5 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا.ڊپٽي ڪمشنر خضدار موجب حادثو خضدار قومي شاهراهه تي شهدا چيڪ پوسٽ ويجهو سامهون کان ايندڙ ڪار ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٿيو.حادثي ۾ 5 پوليس اهلڪار مارجي ويا جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.










