ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وفاقي جاچ اداري ايف آئي اي سالياني ڪارڪردگي رپورٽ 2022 جاري ڪري ڇڏي آهي سال 2022 دوران ايف آئي اي کي سڄي ملڪ مان 21 لک 39 هزار شڪايتون مليون شڪايتن جي نتيجي ۾ 24 هزار 918 انڪوائريون ۽ 6 هزار 580 ڪيس داخل ڪيا ويا ايف آئي اي پاران جاري ڪيل رپورٽ مطابق سال 2022 ۾ 14 هزار کان وڌيڪ ڏوهارين کي گرفتار به ڪيو ويو 4 هزار 881 ڪيسن جي جاچ کي مڪمل ڪري چالان ٽرائيل ڪورٽس ۾ جمع ڪرايا ويا. 3 هزار 3 ڪيسن ۾ جوابدارن کي سزائون ٻڌايون ويون ايف آئي اي 7.049 ارب رپيا هٿ ڪري قومي خزاني ۾جمع ڪرايا اينٽي ڪرپشن ونگ سال 2022 دوران سڄي ملڪ مان متروقه وقف املاڪ بورڊ جي 3 هزار 574 ايڪڙ پراپرٽي آجي ڪراچي جنهن جي ماليت 5 ارب رپيا آهي جڏهن ته بورڊ جو 70 ڪروڙ رپين جو ڪرايو به وصول ڪري حوالي ڪيو ويو اڪنامڪ ڪرائم ونگ سال 2022 ۾ حوالا هنڊي ۽ ڪرنسي اسملگنگ جي خلاف ڪامياب ڪريڪ ڊائون ڪيو اميگريشن ونگ سال 2022 دوران 11 هزار 741 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو انساني اسمگلنگ ۾ ملوث 2 هزار 602 ڪيسن ۾ جوابدارن کي سزائون ٻڌايون ويون 300 اسٽاپ لسٽ ڪيسن جو ڪاميابي سان پتو لڳايو ويو سائبر ڪرائم ونگ سال 2022 دوران 1700 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ونگ مالي فراڊ بابت ڪيسن ۾ 798 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو، چائلڊ پورنو گرافي جي 56 ڪيسن ۾ 67 ڏوهاري گرفتار ٿيا توهين مذهب جي 65 ڪيسن ۾ 81 جڏهن ته نفرت جوڳي تقرير جا 56 ڪيس داخل ڪيا ويا ايف آئي اي جعلي سمز ۾ ملوث 76 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو جوابدارن کان 16 هزار 211 جعلي ايڪٽيويٽيڊ سمون ۽ 14 هزار 615 سيليڪون آڱوٺا، 50 بايو ميٽرڪ تصديقي نظام ڊوائسز به هٿ ڪيون ويون ايف آئي اي اڪيڊمي پاران گذريل سال اندر 158 تربيتي ڪورسز جو به اهتمام ڪيو ويو آهي.










