عمران خان جي نااهلي خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

عمران خان جي نااهلي خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

توشه خانه ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي نااهلي خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس عامر فاروق 19 اپريل تي ٻڌڻي ڪندو.اليڪشن ڪميشن عمران خان کي اسيمبلي ميمبر طور نااهل ڪندي کيس ڊي سيٽ ڪري ڇڏيو، عمران خان اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪري ورتو آهي.عمران خان جي درخواست تي عدالت اليڪشن ڪميشن کي ميانوالي جي سيٽ تي چونڊ ڪرائڻ کان روڪي ڇڏيو هو.عمران خان به نااهلي خلاف درخواست واپس وٺڻ لاءِ متفرق درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي، عدالت درخواست واپس وٺڻ تي شڪايت ڪندڙ ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو