ڪراچي (رپورٽر)مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ ڊاڪٽر اجمل ساند جي بي رحم قتل تي پنهنجي جار يڪيل وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته اڄ مان انتهائي افسوس سان چئي رهيو آهيان ته سنڌ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي ڊاڪٽر اجمل ساوند جنهن آرٽيفيشل انٽيليجنس ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي هئي کيس قتل ڪيو ويو آهي ڊاڪٽر اجمل ساوند فرانس ۾ يورو ۾ ڪمائي رھيو ھو کيس سنڌ جي عوام جو درد هو، ڊاڪٽر اجمل ساوند سنڌ جي تباهيءَ تي سنڌ لاءِ پريشان هو ڊاڪٽر اجمل ساوند فرانس ۾ سڀ ڪجهه ڇڏي سنڌ موٽي آيو هو ۽ IBA يونيورسٽي ۾ پڙهائڻ شروع ڪيو هو افسوس ڊاڪٽر اجمل ساوند سنڌ جي سردانه، ظالمانه نظام جي ور چڙهي ويو پي ايڇ ڊي هولڊر تعليم دوست ڊاڪٽر اجمل ساوند کي بيگناه قتل ڪيو ويو، ٻن قبيلن جو تقرار هو هن جو نه ڏيڻ هو نه وٺڻ هو، ڊاڪٽر اجمل جو قتل انسانيت جو ۽ سنڌ جي شعور جو قتل آهي جنهن جي شديد مذمت ڪريون ٿا، سنڌ جي ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ فرانس جو پرامن ماحول ڇڏي آيو هو کيس پراڻي ڪارو ڪاري تڪرار ۾ قتل ڪيو ويو جنهن ۾ هن جو ڪو به واسطو نه هو سنڌ مان ظالماڻي نظام جو خاتمو ٿيڻ تائين ائين ئي ماڻهو مرندا رهندا. حليم عادل شيخ چيو ته ڊاڪٽر اجمل ساوند جي بلاول زرداري سان سيلفي پڻ سوشل ميڊيا تي هلي رهي آهي اها سيلفي بلاول کان پڇي رهي آهي ته سنڌ مان هي ظالماڻو نظام ڪڏهن ختم ٿيندو؟ ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قتل تي سڄي سنڌ سوڳوار آهي، ڊاڪٽر اجمل ساوند جو قتل علم، ادب، فهم، جو قتل آهي.










