شڪارپور(ن س) ڳڙھي تيغو جي ڪچي مان اغوا ٿيل پوليس اھلڪار بازياب ٿي ويو،شڪارپور باء پاس تي لڳل ڌرڻي کانپوءِ پوليس ڌاڙيلن سان ڊيل ڪري مغوي کي بازياب ڪرائي ورتو آھي ذريعن موجب ڳڙھي تيغو جي ڪچي مان مغوي پوليس اھلڪار زبير شاھ کي ڌاڙيلن جا مطالبا مڃي پوليس بازياب ڪرائي ورتو آھي ان کان اڳ ڌاڙيلن مطالبو ڪيو ھو ته پوليس پاران کنڀيل عورتون ۽ کنيل سامان واپس واپس ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ مغوي اھلڪار کي ماري ڇڏيندا جنھن بعد مغوين جي وارثن انڊس ھاء وي تي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪيو ھو جن کان پوليس محلت ورتي ھئي،زريعن جو وڌيڪ چوڻ آھي ته پوليس اھلڪار زبير شاھ کي پوليس ڊيل ڪري ڌاڙيلن جون کنيل عورتون ۽ سامان واپس ڪيو آھي جنھن بعد ڌاڙيلن مغوي کي آزاد ڪيو آھي،ھوڏانھن پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مغوي پوليس اھلڪار کي ڳڙھي تيغو جي ڪچي ۾ ڪاروائي بعد بازياب ڪرايو ويو آھي شڪارپور پوليس جون ڪچي واري علائقي۾ڪاروايون جاري آھن جلد ٻين مغوين کي به بازياب ڪرايو ويندو،ياد رھي ته شڪارپور ضلعي مان اڃا چار ڄڻا ڌاڙيلن وٽ قيد آھن.ھوڏانھن مغوي پوليس اھلڪار زبير شاھ جي بازيابي بعد وارثن ۾ خوشي جي لھر ڇانيل آهي










