ڀارت ۾ مسلمانن تي ظلم بند ڪري، پاڪستان

ڀارت ۾ مسلمانن تي ظلم بند ڪري، پاڪستان

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) پاڪستان ڀارت ۾ مسلمانن تي تشدد جي واقعن جي مذمت ڪندي مسلمانن تي ظلم بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.هفتيوار بريفنگ ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڀارت جي 8 رياستن ۾ مسلمانن تي تشدد جا افسوسناڪ واقعا پيش آيا، ڀارت ۾ مسلمانن خلاف ٿيندڙ واقعن تي او آءِ سي جو بيان خوش آئند آهي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته هو ڀارت ۾ مسلمانن تي ظلم جي مذمت ڪن ٿا، ڀارت انساني حقن جي محافظن ۽ مسلمانن تي ظلم بند ڪري، هو والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين تي ظلم جي به مذمت ڪن ٿا. والاريل ڪشمير ۾ ظلمن تي گڏيل قومن جي اختيارين جي مذمتي بيان جي حمايت ڪريون ٿا.پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته آمنه بلوچ کي بيلجيم ۽ لگزمبرگ جو سفير مقرر ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو