جيل ۾ هجان يه ٻاهر پارٽي اليڪشن کٽيندي: عمران خان

جيل ۾ هجان يه ٻاهر پارٽي اليڪشن کٽيندي: عمران خان

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت چونڊون ڪرائڻ کان ڊنل آهي، کين ڊپ آهي ته چونڊون کٽينداسين.آمريڪي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ عمران خان دعويٰ ڪئي ته هو جيل ۾ هجي يا ٻاهر هجي، اليڪشن ۾ پارٽي ڪاميابي ماڻيندي.هن چيو ته خبر ناهي مون کي نااهل ڪيو ويندو يا نه، مون کي هٽائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته سندس دور ۾ عدالتي ڪم ۽ ميڊيا ۾ ڪا به مداخلت نه هئي.هن وڌيڪ چيو ته مان سمجهان ٿو ته امير ۽ غريب ملڪن ۾ فرق قانون جي حڪمراني آهي، اسان جي جنگ طاقتور طبقي کي قانون جي دائري ۾ آڻڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو