لاهور (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آئي پاران زمان پارڪ پوليس آپريشن جي حوالي سان (ن) ليگ جي مرڪزي اڳواڻ مريم نواز رانا ثناءُ ۽ ٻين جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي تحريڪ انصاف لاهور ۾ پي ٽي آئي چيئرمين عمران خان جي گهر زمان پارڪ ۾ پوليس پاران ڪيل آپريشن تي مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز، وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُالله، آئي جي پنجاب، سي سي پي او سميت ٻين جي خلاف ريسڪورس ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي آهي ٻئي پاسي ريسڪورس ٿاڻي جي پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي جنهن تي درخواست گذار سيشن عدالت ۾ 22اي ۽ 22بي جي درخواست داخل ڪري ڇڏي جنهن ۾موقف اختيار ڪيو ويو ته آئي جي پنجاب زمان پارڪ آپريشن مريم نواز ۽ رانا ثناءُالله جي حڪم تي ڪيو زمان پارڪ آپريشن ڪري چادر ۽ چارديواري جي تقدس جي لتاڙ ڪئي وئي درخواست ۾ چيو ويو ته پوليس کي واقعي تي ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست ڏني پر ڪيس داخل ناهي ڪيو ويو عدالت مريم نواز، رانا ثناءُالله سميت ٻين جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏي.










