9 مئي واقعا: خان دهشتگرديءَ جي وڌيڪ 3 ڪيسن ۾ نامزد

9 مئي واقعا: خان دهشتگرديءَ جي وڌيڪ 3 ڪيسن ۾ نامزد

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ 9 مئي تي داخل ٿيل دهشتگردي جي ڪيسن ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.پوليس ذريعن موجب پي ٽي آءِ چيئرمين کي دهشتگردي جي وڌيڪ 3 ڪيسن ۾ نامزد ڪيو ويو آهي.پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته جناح هائوس حملي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي نامزد ڪيو ويو آهي.پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته عسڪري ٽاور حملي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي به نامزد ڪيو ويو آهي.پوليس ذريعن ٻڌايو آهي ته ماڊل ٽائون ۾ وزيراعظم سيڪريٽريٽ تي حملي جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي به نامزد ڪيو ويو آهي.پوليس موجب پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف لاهور ۾ دهشتگردي جي الزامن تحت 7 ڪيس داخل هئا، جن جو انگ هاڻي وڌي 10 ٿي ويو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف 9 مئي جي واقعن تي پنجاب جي ٻين ضلعن ۾ دهشتگردي جا 19 ڪيس داخل آهن.پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن جي بيانن جي روشني ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي انهن ڪيسن ۾ نامزد ڪيو ويو آهي.پوليس موجب جاچ کانپوءِ چيئرمين پي ٽي آءِ کي لاهور ۾ دهشتگردي جي 3 ڪيسن ۾ نامزد ڪيو ويو آهي. پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته دهشتگردي ٽوڙ ڪيس ۾ ملتان مان 3، راولپنڊي مان 2، فيصل آباد مان 2 ۽ گوجرانوالا جي هڪ ڄڻي کي نامزد ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو