800 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار واري ريل جو منصوبو

ڪوپن هيگن (ويب ڊيسڪ) يورپ جي مشهور هائبرڊ اسٽريٽيجڪ ڪنسلٽنسي ڪمپني ميني ون تيز ترين سفر لاءِ جديد ريل سيسٽم ڊزائن ڪيو آهي. جنهن موجب ٿنڀن تي بيٺل ٽيوب اندر مقناطيسي ڌڪي سان هلندڙ  ايرو سلائيڊر يعني ريل گاڏي 804 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلندي. ٽيوب اندر هلندڙ ريل ۾ هوٽل، ميٽنگ روم، جم، بار ۽ هر قسم جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. بظاهر ته هي هڪ سائنس فڪشن مووي جو تصور لڳي رهيو آهي پر ڪمپني جو چوڻ آهي ته هي جهاز جي رفتار جيان تيز سفري سهولت هوندي جيڪا يورپ، آفريڪا ۽ ايشيا جي ڏورانهن شهرن کي ڳنڍڻ ۾ مددگار ٿيندي تيز ترين سفر جو وسيلو فراهم ڪندي. زمين کان 18 ميٽر جي اونچائي تي هي ٿنڀا هوندا ان ۾ ڪا پٽڙي وغيره نه هوندي. ٽيوب جي اندر هيليم گيس هوندي جنهن سبب ان جو وزن 10 سيڪڙو گهٽ ٿي ويندو ۽ ريل جي هلڻ لاءِ گهربل توانائي به گهٽ صرف ٿيندي. هي ڪيپسول 250 ميٽر جا هوندا جن ۾ آرام ده ۽ راحت ڀري سفر جا سڀ ذريعا هوندا. ان کان اڳ ايلن مسڪ هائپر لوپ جي آئيڊيا پيش ڪئي هئي جنهن ۾ ريل جي اسپيڊ 324 ڪلوميٽڙ في ڪلاڪ ٻڌائي وئي هئي. ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن يورپي ڊزائن ڪنسلٽنسي واري ڪمپني جو آئيڊيا قابل عمل بڻجي ويو ته ان سان ايلن مسڪ جو منصوبو ڪاغذن تائين محدود ٿي ويندو ۽ هي دنيا ۾ وڏو انقلاب برپا ڪندو. جديد آئيڊيا بابت وڌيڪ تفصيل، تصويرون ۽ ويڊيو ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو