8 فيبروري تي خبر پوندي ته چونڊون ڪيئن ٿيون: جسٽس اطهر

8 فيبروري تي خبر پوندي ته چونڊون ڪيئن ٿيون: جسٽس اطهر

لنڊن(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته 8 فيبروري کانپوءِ ئي ٻڌائي سگهندو ته چونڊون ڪيئن ٿيون.لنڊن ۾ فيوچر آف پاڪستان ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جسٽس اطهر من الله چيو ته چونڊون ملڪي چونڊون نه پر حقيقي چونڊون ٿيڻ گهرجن.هن چيو ته اظهار جي آزادي کي دٻائڻ سبب اسان اڌ ملڪ وڃائي ويٺا، اسان جي معاشري ۾ اظهار راءِ جو هجڻ تمام ضروري آهي.جبري گمشدگين بابت جسٽس اطهر من الله چيو ته اسان کي بحيثيت قوم سوچڻ گهرجي ته اهو مسئلو جڏهن بلوچستان يا ڪي پي ڪي ۾ هجي ته اهو مسئلو ناهي پر جيڪڏهن پنجاب ۾ آهي ته مسئلو بڻجي ٿو.هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ ڪيترائي ڀيرا آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي پر آئين جي ڀڃڪڙي تي ڪنهن جو به احتساب ناهي ڪيو ويو، عدليه جيڪو ڪيو آهي ان جو هو دفاع نه ڪندا پر اميد آهي ته نوجوان مثبت تبديلي آڻيندا.جسٽس اطهر من الله پنهنجي خطاب ۾ چيو ته عدالت جو امتحان عوام جو اعتماد برقرار رکڻ ۽ فيصلن تي عمل ڪرڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو