اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي آن انٽروئر جو اجلاس سينيٽر سيف الله ابڙو جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ڪسٽم گودامن مان چوري ٿيل 250 ملين رپين جي سگريٽ جي معاملي تي تفصيلي بحث ڪيو ويو. اجلاس ۾ ايف بي آر، ڪسٽم ۽ ايف آءِ اي جا اعليٰ آفيسر به شرڪت ڪئي.لاڳاپيل اختيارين اجلاس ۾ سڀني معاملن کي تفصيل سان بيان ڪيو ۽ چوري ٿيل سگريٽ جي جاچ لاءِ قدمن تي بحث ڪيو.ان موقعي تي ڳالهائيندي سينيٽر سيف الله ابڙو چيو ته اسان 75 سالن کان ٻڌندا رهيا آهيون، ملڪ هڪ نازڪ موڙ تي بيٺو آهي جيڪو ختم نه ٿي رهيو آهي.هن اجلاس ۾ ايف آءِ اي جي رويي تي به تنقيد ڪئي ۽ چيو ته جنهن آفيسر کي سڏيو ويو آهي ان کي قانوني ميمبر بڻايو ويو آهي.ان کان علاوه سينيٽر پيٽروليم واري وزير تي به سخت تنقيد ڪئي ۽ چيو ته اسان جي پيٽروليم واري وزير اسان کي پيٽرول جي قيمت بابت نه ٻڌايو، اسان جي وزير چيو ته اسان ثواب جو ڪم ڪيو، جيڪڏهن هن ثواب ڪم ڪيو ته وزيراعظم ڇا ڪيو؟ سينيٽر سيف الله ابڙو ايف آءِ اي کان علي پرويز ملڪ جي اثاثن جي به جاچ ڪرڻ جي درخواست ڪئي.هن چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي تي ڪروڙين رپين جا اشتهار ڏنا ويا، جنهن تي به سوال اٿاريو ويو.










