6 مهينن جي ڌيءَ جي تدفين لاءِ ويندڙ نوجوان ڦورن هٿان قتل، ڀاءُ زخمي

6 مهينن جي ڌيءَ جي تدفين لاءِ ويندڙ نوجوان ڦورن هٿان قتل، ڀاءُ زخمي

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پنهنجي 6 مهينن جي ڌيءَ جي تدفين لاءِ ويندڙ نوجوان کي ڦورن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته مقتول جو ڀاءُ به گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو.پوليس موجب سهراب ڳوٺ پنجاب بس اڏي جي ڀرسان ڦورن جي فائرنگ سبب هڪ شخص فوت جڏهن ته انهي جو ڀاءُ زخمي ٿي پيو. مقتول پنهنجي 6 مهينن جي ڌيءَ جي تدفين لاءِ اباڻي علائقي گهوٽڪي وڃي رهيو هو. واقعو سچل ٿاڻي جي حد ۾ سهراب ڳوٺ پنجاب بس اڏي پيڊسٽرين برج جي ڀرسان پيش آيو جتي فوت ٿي ويل ۽ زخمي نوجوان کي ايمبولينس جي ذريعي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو. ايس ڊي پي ۽ سهراب ڳوٺ ڊي ايس پي اورنگ زيب خٽڪ ٻڌايو ته فوت ٿي ويل شخص جي سڃاڻپ 27 ورهين جي منصور احمد ۽ زخمي جي 23 ورهين جي راشد جي نالن سان ڪئي وئي، جيڪي ٻئي سڳا ڀائر آهن.زخمي ٿيل نوجوان راشد اسپتال ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته هو ۽ سندس ڀاءُ منصور ناظم آباد ۾ مٺائي جي دڪان تي ڪم ڪندا هئا اتي ئي سندس رهائش هئي. جڏهن ته انهن جو اباڻو تعلق سنڌ جي شهر گهوٽڪي سان آهي.هن ٻڌايو ته منصور جي 2 سال اڳ شادي ٿي هئي ۽ انهي جي هڪ 6 مهينن جي ڌيءَ هئي. جمعي جي رات گهر کان اطلاع ملي ته منصور جي ڌيءَ فوت ٿي وئي آهي جنهن تي هو ۽ مان صبح جو گهوٽڪي وڃڻ جي لاءِ نڪتاسين. زخمي نوجوان ٻڌايو ته سهراب ڳوٺ پنجاب بس اڏي پيڊسٽرين برج جي ڀرسان اسان ٻئي ڀائر بس جي انتظار ۾ بيٺل هئاسين ته 2 ڦورو آيا ۽ انهن ڦر شروع ڪري ڏني. منصور جيڪو اڳ ئي پنهنجي معصوم ڌيءَ جي فوتگي تي ڏک ۾ ورتل هو انهي ڦورن سان مزاحمت ڪئي جنهن تي ٻئي ڦورو ڪاوڙ ۾ اچي فائرنگ ڪري ڏني جنهن سبب منصور ٿڏي تي مارجي ويو.مقتول 4 ڀائرن ۾ سڀني کان وڏو هو، پوليس ضابطي جي ڪارروائي کان پوءِ لاش وارثن جي حوالي ڪري ڇڏي آهي جنهن کان پوءِ فوت ٿي ويل نوجوان جي لاش اباڻي علائقي گهوٽڪي اماڻي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو