ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ مختلف عوامي ٽرانسپورٽ منصوبن ۽ ٽرانسپورٽ رٿائن لاءِ بس ڊپو قائم ڪرڻ خاطر زمين جي فراهمي بابت هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ڊائريڪٽر جنرل ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي آصف جان صديقي، مختلف ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنر ۽ لاڳاپيل کاتن جا اعليٰ عملدار شريڪ ٿيا، جڏهن ته ملير، ڪورنگي، ڪراچي سينٽرل ۽ ڪراچي ويسٽ جي ڊپٽي ڪمشنرن پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.اجلاس دوران عملدارن عوامي ٽرانسپورٽ منصوبن، بسن جي پارڪنگ ۽ آپريشن لاءِ گهربل زمين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي مختلف ضلعن ۾ موجود سرڪاري زمين، تجويز ڪيل هنڌن ۽ مستقبل جي ضرورتن جو پڻ جائزو ورتو ويو، ته جيئن بس ڊيپوزقائم ڪرڻ لاءِ موزون جايون طئي ڪري سگهجن. ان موقعي تي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت ٽرانسپورٽ نظام ۾ 50 ڊبل ڊيڪر بسون ۽ 500 نيون اي وي بسون شامل ڪري رهي آهي، جن جي اچڻ سان صوبي جي عوامي ٽرانسپورٽ نظام ۾ نمايان بهتري ايندي. هن هدايت ڪئي ته بس ڊپن لاءِ مناسب زمين جي سڃاڻپ ۽ فراهمي جو عمل فوري طور مڪمل ڪيو وڃي. هن سڀني ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي پنهنجي ضلعن ۾ موجود خالي سرڪاري زمين جي نشاندهي ڪن، جيئن ماس ٽرانزٽ منصوبن لاءِ جديد بس ڊپا قائم ڪري سگهجن. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته منصوبن جي ڪاميابي لاءِ مناسب ڊپن ۽ آپريشنل ڍانچي جي وقتائتي دستيابي انتهائي ضروري آهي، تنهن ڪري سڀئي لاڳاپيل ادارا پاڻ ۾ ڀرپور سهڪار ۽ اثرائتي هم آهنگي ذريعي زمين جي سڃاڻپ ۽ ٻين ضروري انتظامن جو عمل جلد کان جلد مڪمل ڪن. هن چيو ته سنڌ حڪومت شهرين کي جديد، آرامده، ماحول دوست ۽ عالمي معيار جون سفري سهولتون فراهم ڪرڻ جي پنهنجي عزم تي قائم آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت عوامي خدمت لاءِ نيون بسون جلد کان جلد روڊن تي آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، جڏهن ته عوامي ٽرانسپورٽ شعبي ۾ جاري منصوبا صوبي جي ٽرانسپورٽ نظام ۾ انقلابي تبديلي آڻيندا.










