ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪارا ڪريتي سينن هڪ ڀيرو 50 ماڊلز جي سامهون ڪوريوگرافر پاران دڙڪا ڏيڻ تي روئي ڏنو هو،ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب ڪريتي سينن هڪ تازي انٽرويو ۾ پنهنجي ڪيريئر جي شروعاتي ڏينهن کان ان واقعي کي ورجايو.هن چيو ته جڏهن 50 ماڊلز جي سامهون ڪوريوگرافر مون کي دڙڪا ڏنا ته مان روئي پيس، ان کان پوءِ مون ڪڏهن به ساڻس گڏ ڪم نه ڪيو.پنهنجي فلم ”مي مي“ لاءِ بهترين اداڪارا جو ايوارڊ کٽڻ کانپوءِ آسمان ڇنڊيندڙ اداڪارا پنهنجي زندگيءَ جو تلخ تجربو به بيان ڪيو.هن چيو ته فلمسازي جي شروعاتي ڏينهن ۾ مون کي ڪوريوگرافر طرفان ذلت جو منهن ڏسڻو پيو، اهڙي صورتحال ۾ مون سوچيو ته ڪو پلان بي هجڻ گهرجي.انٽرويو دوران هن پنهنجي پهرين فيشن شو جي تجربي کي ياد ڪندي چيو ته ان موقعي تي ڪوريوگرافر مون سان ڏاڍي بدتميزي ڪئي هئي.ڪريتي سينن جو چوڻ هو ته فيشن شو هڪ فارم هائوس هو، جتي سينڊل ڇٻڙ ۾ ڦاسي پيا هئا.پهرين ئي موقعي تي ڪوريوگرافر مون کي 50 ماڊلز جي سامهون بي دردي دڙڪا ڏنا.هن وڌيڪ چيو ته مان برداشت ڪري سگھان ٿي پر جڏهن ڪو مون تي رڙين ڪيو ته ته مان روئي پيس.اداڪارا چيو ته مون سوچيو هو ته جيڪڏهن اداڪاري جي ميدان ۾ ڪم نه ٿو ٿئي ته پلان بي هجڻ گهرجي، مون کي پنهنجي مڊل ڪلاس خاندان جي پريشانين جي خبر هئي.
