5 ٻارڙن جي ماءُ مبينه طور مڙس هٿان قتل، وارثن جو ڌرڻو

سجاول (سليم ملاح) جاتي ٿاڻي جي حد ڳوٺ سڪندر ھنڱورجو ۾ مبينه گوليون لگڻ سبب 5 ٻارن جي ماءُ مسمات فرزانه زال نوراحمد ھنڱورجو فوت ٿي وئي جنھن کي پوسٽ مارٽم لاءِ پھرين تعلقه اسپتال جاتي آندو ويو ھو جتي فوتڻ جي مڙس پوليس ڪانسٽيبل نوراحمد ھنڱورجو موقف اختيار ڪيو ھو ته سندس زال پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي ڪئي آھي جاتي ۾ ليڊي ڊاڪٽر نه ھجڻ سبب فوتڻ جو لاش سول اسپتال سجاول آندو ويو جتي فوتڻ جي ڀاءُ ۽ ٻين مائٽن لاش کڻائي SP آفيس سجاول اڳيان ۽ بعد ۾ بئراج موري وٽ لاش رکي ڌرڻو ھڻي  ملوث جوابدار جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو.

ھُنن چيو ته مسمات فرزانه خودڪشي ناھي ڪئي پر سندس مڙس کيس قتل ڪيو آھي گھڻي دير کانپوءِ پوليس پاران واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ ۽ جوابدار گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او جاتي ارشد رند تفصيل ڏيندي ٻڌايو ته فوتي عورت جي ڀاءَ حنيف بوبڪ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري جوابدار نور احمد ھنڱورجو کي گرفتار ڪيو ويو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو