5 لک ٽيڪس چورن جون موبائيل فون سم بند ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ٽيڪس چورن خلاف سخت ڪارروائي ڪندي فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) عيدالفطر کان پوءِ نان فائلرز ۽ انڊر فائلرز جي موبائل فون جون 5 لک سمز بلاڪ ڪرڻ جي پلان کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي.انگريزي اخبار دي نيوز ذريعن جي حوالي سان خبر ڏني آهي ته ٽيڪس ادا نه ڪندڙ يا گهٽ ٽيڪس ڏيندڙن جون موبائيل سمز کي هن مهيني بلاڪ ڪيو ويندو. ايف بي آر عيد الفطر کانپوءِ انڪم ٽيڪس جنرل آرڊر (آءِ جي ٽي او) جاري ڪندو، جنهن لاءِ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جي مشاورت سان 4 لک انڊر فائلرز جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، جنهن لاءِ تياريون ڪيون ويون آهن. انهن لاءِ جيڪي ٽيڪس قابل آمدني هجڻ جي باوجود پنهنجو ريٽرن فائل ڪرڻ جي زحمت نه ڪندا آهن. ايف بي آر وٽ انهن جي ٽرانزيڪشن جي معلومات آهي ۽ انهن کي نوٽيس به موڪليا ويا آهن پر انهن پنهنجا ريٽرن فائل نه ڪيا آهن، ايف بي آر جي براڊننگ ٽو ٽيڪس بيس (بي ٽي بي) ذريعي هڪ لک نان فائلرز جي سڃاڻپ ڪئي ويندي ۽ انهن جي سمز کي به بلاڪ ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف بي آر 2 ملين ٽيڪس چورن جي نشاندهي ڪئي آهي پر موبائيل ڪمپنين شڪايت ڪئي آهي ته هو ايتري وڏي تعداد ۾ سمن کي بلاڪ ڪرڻ سان سندن بزنس متاثر ٿيندو. ان ڪري پهرين مرحلي ۾ 5 لک سمز کي بلاڪ ڪيو ويندو، جنهن لاءِ واضح پيغام ڏنو ويندو ته ايف بي آر ٽيڪس چورن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ سنجيده آهي. ٻئي مرحلي ۾ ٽيڪس چورن جي بجلي ۽ گيس جا ڪنيڪشن به ڪاٽيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو