5 سيڪڙو مينڊيٽ سان ڪو به شهر جو مالڪ نٿو بڻجي سگهي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته 5 سيڪڙو مينڊيٽ سان ڪو به شهر جو مالڪ نٿو بڻجي سگهي.اهڙن خيالن جو اظهار هن مادر ملت محترمه فاطمه جناح ۽ اردو جي شهيدن جي ايصال ثواب لاءِ دعا جي تقريب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.ڪنوينر ايم ڪيو ايم پاڪستان خالد مقبول صديقي چيو ته جنهن ڪراچي کي پنجاهه سالن تائين مينڊيٽ نه ڏنو ان کي ڪراچي ڏنو ويو.خالد مقبول صديقي چيو ته پيپلز پارٽي جو ميئر عوام جو نمائندو ناهي.پنهنجي ڳالهه ٻولهه دوران خالد مقبول صديقي چيو ته اردو ٻين قومن جي رابطي جي ٻولي آهي. جيڪڏهن اردو ٻولي نه هجي ها ته اسان هڪ ٻئي لاءِ اجنبي هجون ها.ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته اردو سڄي خطي ۾ رابطي جي ٻولي آهي. اردو کي سرڪاري ٻولي بنائڻ لاءِ عدالتي فيصلا ڏنا ويا.هن چيو ته اردو پاڪستان، سريلنڪا، افغانستان سميت وچ اوڀر ۾ رابطي جي ٻولي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو