5 آڪٽوبر احتجاج ڪيس: خان جي ڀينرن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ

5 آڪٽوبر احتجاج ڪيس: خان جي ڀينرن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ

لاهور: (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت 5 آڪٽوبر جي احتجاج ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي ڀينرن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. اي ٽي سي لاهور جي ڊيوٽي جج عليمه خان ۽ عظميٰ خان جي عبوري ضمانت جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، عليمه خان ۽ عظميٰ خان جي وڪيل رانا مدثر عمر ايڊووڪيٽ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ٻئي ڀينرون اسلام آباد جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ ڪيسن ۾ پيش ٿيڻ لاءِ ويون هيون، عدالت عليمه خان ۽ عظميٰ خان جي هڪ ڏينهن جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪندي ٻنهي جي عبوري ضمانت جي درخواستن ۾ 24 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو