46 هزار مستحق ماڻهن کي جلد زڪوات ڪارڊ ڏينداسين: ٻٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير جي زڪوات بابت صلاحڪار فياض علي بٽ چيو آهي ته سنڌ بئنڪ پاران 10 رمضان المبارڪ تائين سڄي صوبي ۾ 46 هزار زڪوات وٺندڙن ۾ زڪوات ڪارڊ ورهايا ويندا. ان سلسلي ۾ شفافيت برقرار رکڻ لاءِ بائيو ميٽرڪ سسٽم ذريعي زڪوات وٺندڙن جي تصديق جو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي. هن اها ڳالهه اڄ پنهنجي سنڌ سيڪريٽريٽ آفيس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ چيئرمين زڪوات ڪائونسل نياز علي جيسر، سيڪريٽري مذهبي معاملن ۽ زڪوات و عشر منور علي مهيسر، ميمبر سنڌ زڪوات ڪائونسل اشفاق علي اسران، سنڌ بئنڪ اسد علي شاهه، عمران صمد پڻ شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار فياض علي بٽ وڌيڪ چيو ته پهرين مرحلي ۾ 46 هزار زڪوات مستحق ماڻهن کي سنڌ بئنڪ ذريعي زڪوات ڪارڊ ڏنا ويندا. اهي زڪوات ڪارڊ 10 رمضان تائين سڄي صوبي ۾ ورهايا ويندا. هن چيو ته زڪوات ڪارڊ ورهائڻ واري تقريب وزيراعليٰ سنڌ هائوس ۾ ٿيندي، افتتاحي تقريب ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه زڪوات مستحق ماڻهن کي زڪوات ڪارڊ ڏيندو. فياض علي بٽ چيو ته زڪوات جي ورڇ کي بايو ميٽرڪ ذريعي شفاف بڻايو ويو آهي ته جيئن صرف مستحق ماڻهو ئي زڪوات وصول ڪري سگهن.

پهنجو تبصرو موڪليو