اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪ فوج جي شعبي تعلقاتِ عامه (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري جمعي ڏينهن چيو ته ڄاڻي واڻي اهو تاثر پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته بلوچستان ۾ سيڪيورٽي صورتحال خراب ٿي رهي آهي.
هن اها ڳالهه ملڪ جي مجموعي امن امان، خاص طور بلوچستان جي صورتحال بابت پريس ڪانفرنس دوران ڪئي.
بريفنگ جي شروعات ۾ فوج جي ترجمان ٻڌايو ته هلندڙ سال هينئر تائين سڄي ملڪ ۾ 40 هزار 348 انٽيليجنس بنياد تي آپريشن (IBOs) ڪيا ويا آهن، جن ۾ پوليس، سول هٿياربند فورسز، انٽيليجنس ادارن ۽ هٿياربند فوجن جون ڪارروايون شامل آهن.
هن چيو ته انهن مان سڀ کان وڌيڪ، يعني 31 هزار کان وڌيڪ آپريشن بلوچستان ۾ ڪيا ويا.
ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب، 2026ع دوران هينئر تائين ملڪ ۾ 3 هزار 145 دهشتگردي جا واقعا پيش آيا، جن مان هڪ هزار 971 خيبرپختونخوا، هڪ هزار 148 بلوچستان ۽ 26 واقعا ملڪ جي ٻين حصن ۾ رپورٽ ٿيا.
هن وڌيڪ چيو ته ان عرصي دوران 2 هزار 84 تصديق ٿيل دهشتگرد ماريا ويا. هن چيو، “ان جو مطلب آهي ته سراسري طور هر روز 10 دهشتگرد ماريا پيا وڃن، جيڪا هن وقت تائين سڀ کان وڌيڪ شرح آهي.”
ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز روزانو لڳ ڀڳ 200 انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ڪري رهيون آهن، يعني تقريباً هر ڪلاڪ اهڙيون ڪارروايون جاري آهن.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته هلندڙ سال دهشتگردي جي واقعن ۾ 819 پاڪستاني شهيد ٿيا آهن، يعني سراسري طور روزانو چار ماڻهو شهيد ٿي رهيا آهن. انهن شهيدن ۾: 303 فوجي اهلڪار، 194 پوليس ۽ سول هٿياربند فورسز جا اهلڪار ۽ 322شهري شامل آهن.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته هن سال 28 خودڪش حملا ٿيا، جن مان گهڻا مبينا طور افغان شهرين ۽ انهن سان لاڳاپيل ماڻهن طرفان ڪيا ويا. هن ٻڌايو ته 2025ع ۾ 2 هزار 597 دهشتگرد ماريا ويا هئا، جڏهن ته 2026ع ۾ هينئر تائين 2 هزار 84 ماريا ويا آهن.
هن چيو ته سال ختم ٿيڻ ۾ اڃا پنج مهينا باقي آهن، ۽ دهشتگردي خلاف فوجي ڪاررواين جا نتيجا سڀني جي سامهون آهن. هن وڌيڪ وضاحت ڪئي ته 2024ع کانپوءِ صورتحال تبديل ٿيڻ شروع ٿي. 2025ع ۾ هر هڪ شهيد جي بدلي گهٽ ۾ گهٽ ٻه دهشتگرد ماريا ويا، جڏهن ته هن سال هر شهيد جي مقابلي ۾ گهٽ ۾ گهٽ اڍائي دهشتگرد ماريا پيا وڃن.
دهشتگردي جي واقعن ۾ واڌ بابت سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته جڏهن دهشتگردن جي حڪمت عملي جا ٻيا طريقا ناڪام ٿين ٿا ته هو دهشتگردي تي وڌيڪ ڌيان ڏين ٿا.
سندس چوڻ هو ته “معرڪه حق” دوران سندن سڌي حڪمت عملي ناڪام ٿيڻ کانپوءِ انهن دهشتگردي تي وڌيڪ سيڙپڪاري ڪئي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته ان جو هڪ سبب طالبان حڪومت جو دهشتگردن جي حمايت وارو ايجنڊا به آهي. هن چيو ته دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي هاڻي خبر پئجي وئي آهي ته پاڪستان ۾ هاڻي ڪنهن به قسم جي رعايت يا ڳالهين جي ڪا گنجائش ناهي.
“رياست واضح ڪري ڇڏيو آهي ته يا ته آئين ۽ قانون موجب رياست آڏو هٿيار ڦٽا ڪريو، ٻي صورت ۾ رياست توهان سان وڙهندي رهندي.”
هن وڌيڪ چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي اڳواٽ ۽ جارحاڻي ڪاررواين سبب به مقابلا وڌن ٿا، جنهن ڪري دهشتگردي جا واقعا وڌيڪ نظر اچن ٿا.
بلوچستان جي صورتحال بابت ڳالهائيندي هن چيو ته اهو تاثر ته بلوچستان ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿي ويون آهن، ٽن سوالن جا جواب ڏيڻ سان سمجهي سگهجي ٿو. اصل مسئلو ڇا آهي؟، ڇا ٿي رهيو آهي؟ ۽ ان بابت ڇا ڪيو پيو وڃي؟
هن چيو ته مسئلو رڳو بلوچستان تائين محدود ناهي، پر سڄي پاڪستان جي سيڪيورٽي ماحول سان لاڳاپيل آهي. هن چيو ته اصل سوال اهو آهي ته “ڇا پاڪستان هڪ مضبوط رياست (Hard State) آهي؟” سندس جواب هو: “بدقسمتي سان نه.”
هن وضاحت ڪئي ته مضبوط رياست جو مطلب فوجي حڪومت يا فوج جي بالادستي ناهي، پر اهڙي رياست آهي جتي آئين ۽ قانون سڀني لاءِ هڪجهڙا هجن ۽ هر فيصلو قانون مطابق ڪيو وڃي.
هن چيو ته اهڙي رياست ۾ ئي امن، استحڪام ۽ انصاف ممڪن هوندو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ ماڻهو پنهنجن حقن جي ڳالهه ته ڪن ٿا، پر پنهنجين ذميوارين تي گهٽ ڌيان ڏين ٿا.
سندس چوڻ هو ته: “جيڪڏهن ڪنهن جا مطالبا جائز به هجن، تڏهن به سڀ کان پهرين شهري طور پنهنجون آئيني ذميواريون پوريون ڪرڻ گهرجن.” هن آئين جي آرٽيڪل 5 جو حوالو ڏيندي چيو ته هر شهري جي بنيادي ذميواري رياست سان وفاداري ۽ آئين ۽ قانون جي پيروي ڪرڻ آهي. هن چيو: “جيڪڏهن اسين رياست سان وفادار آهيون ۽ آئين ۽ قانون تي عمل ڪريون ٿا، تڏهن ئي پنهنجن حقن جي ڳالهه ڪري سگهون ٿا.”
هن آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير جي هڪ تازي تقرير جو حوالو ڏيندي چيو ته جيئن حقن جي تحريڪ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي، تيئن “ذميوارين جي تحريڪ” به هئڻ گهرجي.
هن زور ڀريو ته هر پاڪستاني جي پهرين، آخري ۽ بنيادي سڃاڻپ پاڪستاني هجڻ هئڻ گهرجي.
بلوچستان بابت ڳالهائيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته صوبي جو بنيادي مسئلو اشرافيت (Elitism)، سرداري نظام ۽ موجوده صورتحال (Status Quo) کي برقرار رکڻ جي خواهش آهي. هن چيو ته سماج جو هڪ طبقو اهڙو آهي، جيڪو صرف پنهنجن حقن جي ڳالهه ڪري ٿو پر ذميوارين کي اهميت نٿو ڏئي.
“اشرافيه ۽ ڪجهه سردار ان جو حصو آهن. مان سڀني سردارن جي ڳالهه نٿو ڪريان، پر انهن جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان جيڪي موجوده نظام کي برقرار رکڻ چاهين ٿا.”
هن وڌيڪ چيو ته اهو نظام 1947ع کان به اڳ جو آهي، جنهن ۾ غريب ماڻهن جي ٻارن کي تعليم ۽ ترقي جا برابر موقعا نه ملندا هئا.
هن بلوچستان ۾ تعليم ۽ صحت جي سهلتن جو جائزو به پيش ڪيو، بي ايل اي جي متاثر بلوچن جا انٽرويو جا ڪلپ به هلايا
جڏهن کائنس پڇيو ويو ته گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته نظام ناڪارا آهي وڌيڪ صوبا ٺهڻ گهرجن، ڇا اوهان ان سان اتفاق ڪريو ٿا ته فوجي ترجمان چيو ته گورنينس ٺيڪ ڪرڻي پوندي، اهو اهم معاملو آهي. 1972 ۾ پاڪستان جي آبادي ست اٺ ڪروڙ هئي هاڻي 25 ڪروڙ آهي ان جو ڪو حل ڪڍڻو پوندو. هن چيو ته 14 نڪاتي نيشنل ايڪشن پلان موجود آهي جنهن تي سڀ پارٽيون متفق آهن، ان تي مڪمل عمل ڪرائڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته نقوي ج بياقن سندس ذاتي راءِ آهي.
هڪٻئي سوال تي هن چيو ته ڪشميري ته پاڪستان جا لاڏلا آهن، سڀني کان وڌيڪ وسيلا ته کين ملي رهيا آهن. احتجاج ڪندڙن بابت هن چيو ته حقن جي اوٽ ۾ هنن جي ايجنڊا مختلف آهي، جيڪا پڌري ٿي چڪي آهي.










