4 سالن جو ٻار ڊرائيونگ ڪندي گرفتار

4 سالن جو ٻار ڊرائيونگ ڪندي گرفتار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)هالينڊ ۾ 4 ورهين جو ٻارڙو پنهنجي ماءُ جي ڪار جي چاٻي کڻي گاڏي هلائڻ لاءِ ٻاهر نڪتو پر پوليس بروقت ڪارروائي ڪري کيس وڏي حادثي کان بچائي ورتو. پرڏيهي خابرو اداري ’اي ايف پي‘ موجب پوليس آچر تي سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته هالينڊ ۾ هڪ 4 ورهين جو ٻار پنهنجي ماءُ جي ڪار کي ڊرائيونگ لاءِ کڻي نڪري پيو، پر جلد ئي اڳ ۾ ئي بيٺل ٻن ڪارن سان سندس ٽڪر ٿيو. ڇنڇر تي اتريخت جي مرڪزي شهر ۾ پوليس کي خبردار ڪيو ويو جڏهن رهاڪن ڏٺو ته هڪ ٻار اگهاڙي پيرين گهٽين ۾ صرف پاجامي ۾ نظر آيو. پوليس ٻارڙي کي ٿاڻي وٺي آئي، چاڪليٽ ۽ ڊرنڪس کيس پيش ڪيا ۽ سندس والده کي گهرائي چيو ته گاڏي جون چاٻيون ٻار کان لڪائي رکندا ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو