ڪابل (ويب ڊيسڪ) طالبان جي ترجمان سهيل شاهين چيو آهي ته 31 ڊسمبر تائين پرڏيهي فورسز افغانستان مان نڪري وڃن ۽ ڊيڊ لائن ۾ واڌ هرگز نه ڪئي ويندي. اهڙو اظهار هن بي بي سي کي ڏنل انٽرويو ۾ ڪيو. هن چيو ته 31 آگسٽ جي ريڊ لائن آهي ان ۾ واڌ نٿي ڪري سگهجي ۽ جيڪڏهن واڌ ٿي ته اها معاهدي جي خلاف ورزي هوندي. سندس ڌمڪي نما بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن دنيا جي 7 ترقي يافته ملڪن يعني جي سيون جو اجلاس اڱاري تي ٿي رهيو آهي. جنهن ۾ برطانوي وزيراعظم بورس جانسن امريڪي صدر جو بائيڊن تي زور ڀري رهيو آهي ته هو ڪجهه ڏينه ڊيڊ لائن ۾ واڌ ڪري. برطانيا جي دفاع واري سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته جنهن وقت آمريڪي ڪابل ڇڏيندا برطانوي فوجي به ان وقت نڪرندا. آمريڪا خدشو ظاهر ڪيو آهي ته هوائي اڏي تي هن وقت به هزارين ماڻهو موجود آهن جيڪي ملڪ ڇڏڻ چاهين ٿا، داعش پاران خود ڪش حملي جو خطرو آهي جلد کان جلد ماڻهن کي ڪڍڻ جو ڪم مڪمل ڪيو وڃي. برطانيا 20 هزار افغان پناهگيرن کي ترسائڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ هاڻي چوي پيو ته 5 هزار پهرين سال گهرائيندو. هوڏانهن يونان جي اڳوڻي پرڏيهي معاملن جي وزير جارجيس ڪيٽروگيلس چيو آهي ته يورپي يونين پنهنجي پاليسي جوڙي اکيون بند ڪري آمريڪا جي ڪڍ نه لڳي. يورپي يونين افغان پناهگيرن کي ميمبر ملڪن ۾ ورهاست ڪري.










