اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان جي ڪارپوريٽ سيڪٽر ۾ پرڏيهي سرمائيڪارن جي دلچسپي ۾ مسلسل اضافو نظر اچي رهيو آهي هن سال جنوري کان مارچ جي دوران سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان(ايس اي سي پي) ۾ رجسٽرڊ ٿيندڙ 220 ڪمپنين جي پرڏيهي ڊائريڪٽرن رجسٽريون ڪرايون جن جو گڏيل ادا ٿيل سرمايو 657 ملين روپيه آهي.ايس اي سي پي موجب پاڪستان ۾ پرڏيهي سرمائيڪارن طرفان ڪمپنيون رجسٽرڊ ڪرائڻ جي رجحان ۾ مسلسل اضافو سرمائيڪارن جي اعتماد ۽ پاڪستان جي ريگوليٽري فريم ورڪ تي ڀروسي کي ظاهر ڪري ٿو.پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال جي ٽئين مهيني ۾(جنوري کان مارچ 2026) جي انگن اکرن موجب پرڏيهي ڊائريڪٽرز رکندڙ گهڻيون ڪمپيون ٽريڊنگ، سروسز، آءِ ٽي، تعميرات ۽ مائننگ جي شعبن ۾ رجسٽرڊ ٿيون آهن. جيڪي معيشت جي روايتي ۽ اڀرندڙ شعبن ۾ سرمائيڪارن جي دلچسپي کي ظاهر ڪري ٿو.ايس اي سي پي جي ڊيٽا موجب جنوري کان مارچ جي دوران 10 هزار 318 نيون ڪمپنيون رجسٽرڊ ٿيون، جيڪي گذريل سال جي مقابلي ۾ 12.5 سيڪڙو وڌيڪ آهن. رجسٽرڊ ٿيل ڪمپنين ۾ 58.6 سيڪڙو پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپنيون آهن جڏهن ته 37.9 سيڪڙو سنگل ميمبر ڪمپنيون هيون جيڪي ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ ظاهر ڪن ٿيون.بيان ۾ چيو ويو آهي ته انهي وقت جي دوران 50.2 سيڪڙو ڪمپنيون پنجاب ۾ 19.0 سيڪڙو اسلام آباد ۾ 15.5 سيڪڙو، سنڌ ۾ بقايا 15 سيڪڙو بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ گلگت بلتستان ۾ رجسٽرڊ ٿيون آهن. شعبن جي حوالي سان سڀني کان وڌيڪ ڪمپنيون آءِ ٽي ۽ اي ڪامرس جي شعبي ۾ رجسٽرڊ ٿيون.










