28 خطرناڪ ڏوھارين جي سر جي قيمت رکڻ جي سفارش

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ڏوهارين جي سِر جي قيمت مقرر ڪرڻ بابت ڪميٽي ڪچي جي ڌاڙيلن سوڌو 28 خطرناڪ ڏوهارين جي سِر جي قيمت رکڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، ڪراچي ۾ ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي عمر شاهد جي صدارت هيٺ صوبائي ڪميٽي جي اجلاس دوران ڏوهارين جي سِر جي قيمت بابت تيار ڪيل فهرست جو جائزو، بدنام ڌاڙيل منير مصراڻي جَي سِر جِي قيمت 10 لک رُپين مان وڌائي هڪ ڪروڙ رُپيا ڪرڻ جي سفارش، شڪارپور جي ڪچي ۾ اهلڪارن جي شهادت ۾ ملوث ڌاريل لُڊو تيغاڻي جي سِر جي قيمت 5 لک رُپيا رکڻ جي سفارش، سِر جي قيمت مقرر ڪرڻ لاءِ فهرست ۾ ڌاڙيل واجد ڪنڊراڻي، واشو بنگلاڻي، بهارو ڏاهاڻي، خان محمد ڏاهاڻي، سرور ڪٽوهر، جيئند جاگيراڻي،ڪشو گلواڻي ۽ حضورو بنگلاڻي جا نالا به شامل آھن.

پهنجو تبصرو موڪليو