2019ع ۾ 4 ڌيئرون اغوا ٿيون ، ڪجهه معلوم ناهي

2019ع ۾ 4 ڌيئرون اغوا ٿيون ، ڪجهه معلوم ناهي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) گم ٿيل چئن نياڻين جي بازيابي لاءِ بزرگ شهري عدالت پهچي ويو.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئن ڌيئرن جي بازيابي لاءِ بزرگ شهري جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران درخواستگذار علي گل عدالت ۾ پيش ٿيو.ٻڌڻي دوران درخواستگذار چيو ته منهنجي 4 ڌيئرن کي اغوا ڪيو ويو، ڪو ٻڌائي ته منهنجيون ڌيئرون مري ويون يا زنده آهن.درخواستگذار چيو ته پهرين نياڻين کي 2017 ۾ اغوا ڪيو ويو ۽ 2019 ۾ بازياب ڪرايو ويو.واقعي جو ڪيس به داخل ڪيو ويو، 2019ع ۾ منهنجي ڌيئرن کي ٻيهر اغوا ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ منهنجي نياڻين جو ڪو به پتو نه پيو.گم ٿيل ڇوڪرين جي پيءُ عدالت کي وڌيڪ ٻڌايو ته ڌيءَ جي نالي مان پيءُ جو نالو به تبديل ڪيو ويو، هن ڌيءَ کي پنجاب جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ۽ شادي ڪرڻ جو چيو ويو، نه ته منهنجي ڌيءَ جو بيان ظاهر ڪيو پيو وڃي ۽ نه ئي سندس پيشي، شادي به ٿي ته مان خوش آهيان پر ڌيءَ کي ڏيکاريو، جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي به پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي.جنهن بعد عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي درخواست جي ٻڌڻي 16 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو