ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان هاءِ ڪورٽ صوبي جي 200 کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن جي برطرفي خلاف داخل درخواست تي آءِ جي پوليس سميت لاڳاپيل اختيارين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس محمد هاشم ڪاڪڙ ۽ جسٽس شوڪت رخشاني برطرف ٿيل پوليس ملازمن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته اسان کي هڪ سال نوڪري تي رکڻ کان پوءِ بنا جواز برطرف ڪيو ويو، ملازمن کي سبب بيان ڪرڻ جو ڪو به نوٽيس نه ڏنو ويو ۽ نه ئي صفائي جو موقعو ڏنو ويو.درخواستگذار جي موقف تي عدالت آءِ جي ۽ ڊي آءِ جي پوليس سميت لاڳاپيل اختيارين کي طلب ڪري ورتو. عدالت نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










