20 جون کان پيٽرول جي قيمت ۾ وڏي لاٿ جو امڪان

20 جون کان پيٽرول جي قيمت ۾ وڏي لاٿ جو امڪان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) 20 جون کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 55 رپيا في ليٽر تائين لاٿ (ڪمي) متوقع آهي. تفصيلن موجب، بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ تيزيءَ سان ڪمي ۽ مڊل ايسٽ (مشرق وسطيٰ) ۾ جاگرافيائي توڙي سياسي ڇڪتاڻ ۾ نرمي اچڻ کانپوءِ، وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 55 رپيا في ليٽر کان وڌيڪ جي وڏي لاٿ تي غور ڪري رهي آهي. ذريعن موجب، ناڻي واري وزارت (وزارت خزانه) پيٽرول 20 رپيا ۽ ڊيزل 36 رپيا سستو ڪرڻ ۽ ليوي وڌائڻ جي خواهشمند آهي. هن فيصلي جي نتيجي ۾، 20 جون کان سڄي ملڪ جي واهپيدارن (صارفين) کي پيٽرول پمپن تي هڪ تاريخي (بي مثال) ريليف ملڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو