ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ناليواري هندي ايسٽرولوجي جي ماهر ڀڳوانداس جٽيا ستارن جي صورتحال بابت پيشنگوئي ڪئي آهي ته ط، ت ۽ ر سان شروع ٿيندڙ نالن وارا ماڻهو 20 نومبر تائين محطاط رهن. هندي ايسٽرولوجي واري لال ڪتاب جي آڌار تي هن ٻڌايو آهي ته مٿي ڄاڻايل حرفن جي نالن وارن جي طالع ۾ نحس ستارو مريخ 12 آڪٽوبر کان 20 نومبر تائين رهندو. جنهن سبب انهن حرفن وارن ماڻهن طبيعت ۾ذھني خلفشار پئدا ٿيندو. گھريلو خرچ ۾ اضافو ٿيندو، باس يا رشتيدار سان تڪرار جو به امڪان آهي. انهن نالن وارن ماڻهن جي شخصي طور ڊسٽرب رهڻ جو امڪان آهي. انهن کي صلاح ڏجي ٿي ته هو درگذر، صبر ۽ ڪمپرومائيز کان ڪم وٺن. مٿي ڄاڻايل حرفن جي نالن وارا ماڻهو اڱاري ڏينهن پيلي رنگ واري شئي جو صدقو ڏين ته سندن لاءِ بهتر رهندو.
