اسلام آباد(بيورو رپورٽ) 190 ملين پائونڊ ڪرپشن ريفرنس ۾ سرڪاري شاهد احتساب عدالت آڏو بيان ڏنو ته پراپرٽي ٽائيڪون ملڪ رياض جي پٽ احمد علي رياض ملڪ بني گالا ۾ فرحت شهزادي المعروف فرح خان جي نالي زمين منتقل ڪئي هئي. گذريل هفتي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس گهرواري بشرا بي بي جي جيل ٽرائل دوران عدالت آڏو بيان ڏيندي سرڪل موهڙي نور (بني گالا) جي تپيدار عدالت کي ٻڌايو ته موضع موهڙي نور وٽ 240 ڪنال 6 مرلا زمين جيڪا ٽن ٽڪڙن ۾ هئي اها 53 ڪروڙ 27 لک 50 هزار روپين عيوض فرحت شهزادي جي کاتي ڪئي وئي. سرڪاري شاهد جو چوڻ هو ته ”ريڪارڊ موجب جوابدار عمران احمد خان نيازي ۽ بشرا بيبي جا نالا کاتن ۾ شامل نه آهن“. جنهن تي عمران خان جي وڪيل خالد يوسف چوڌري چيو ته سرڪاري شاهد جي بيان موجب سندس موڪل جوابدار ناهي ۽ کين ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسايو پيو وڃي. واضح رهي ته فرح خان هن ڪيس ۾ مفرور آهي ۽ ملڪ کان ٻاهر ويل آهي. ياد رهي ته زلفي بخاري، شهزاد اڪبر ۽ فرح شهزادي به هن ڪيس ۾ جوابدار آهن. برطانيا جي نيشنل ڪرائيم ايجنسي مني لانڊرنگ ۾ ملڪ رياض جا لنڊن ۾ 190 ملين پائونڊ جي رقم پاڪستان حڪومت کي ڏيڻ چاهي پئي ۽ عمران خان بند لفافي واري سمري ڪابينا مان منظور ڪرائي اها رقم سپريم ڪورٽ پاران ملڪ رياض تي لڳايل ڏنڊ عيوض ملڪ رياض کي ڏني جنهن جي بدلي اها زمين القادر يونيورسٽي لاءِ ڏني هئي. هن ريفرنس ۾ ملڪ رياض ۽ سندس پٽ احمد علي رياض ملڪ به جرم ۾ سهولتڪار طور نامزد آهن.










