اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي سرپرست اعليٰ عمران خان ۽ سندس زال بشريٰ بي بي جي سزا معطلي جي درخواستن جي ٻڌڻي سڀاڻي مقرر ڪئي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس ڪالهه ڪاز لسٽ جاري ڪئي آهي. قائم مقام چيف جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس محمد آصف عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي ضمانت جي درخواستن جي ٻڌڻي ڪندا.عدالت نيب جي درخواست تي اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر مقرر ڪرڻ لاءِ ڪالهه تائين جو وقت ڏنو هو. نيب جي درخواست تي وڌيڪ ڪارروائي کانسواءِ 5 جون جي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي. 15 مئي جي ٻڌڻي ۾ نيب کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيو ويو.عمران خان ۽ بشريٰ بي بي پنهنجي سزا معطل ڪري ضمانت تي آزاد ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. 17 جنوري تي احتساب عدالت عمران خان کي 14 سال ۽ بشريٰ بي بي کي 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي.










