16 سالن جي عمر ۾ پهريون معاوضو 5 لک روپيا مليو: هاشمي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني اداڪارا ڪنزا هاشمي جو چوڻ آهي ته 16 سالن جي عمر ۾ هن کي پهرين پگهار 5 لک رپيا ملي،اداڪارا تازو ئي هڪ خانگي ٽي وي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جنهن دوران کانئس پڇيو ويو ته سندس پهرين ڊرامي سيريل جي معاوضي بابت پڇيو؟ جنهن جي جواب ۾ ڪنزا هاشمي چيو ته مون کي پهريون معاوضو 10 سال اڳ 5 لک رپيا ڏيڻ لاءِ چيو ويو جيڪو ان وقت منهنجي لاءِ تمام گهڻو هو. اداڪارا چيو ته ان وقت منهنجي عمر 16 سال هئي، مان معاوضو ٻڌي حيران ٿي ويس پر مون واضح ڪيو ته 5 لک معاوضو منهنجي لاءِ ڪا وڏي ڳالهه ناهي، ان کانپوءِ مون کي 5 لک رپيا معاوضو ڏنو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو