15 ڪروڙ جو غبن، ڪرپشن جوڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

سکر (امداد علي ڪلوڙ) اينٽي ڪرپشن ڪميٽي فوڊ انسپيڪٽر درمحمد سروهي خلاف 15 ڪروڙ روپين کان مثي جي غبن ڪرڻ تي ڪيس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪميٽي جي چيئرمين، ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ اهڙي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾  اينٽي ڪرپشن کاتي پاران 7 مختلف کاتن جا 48 ڪرپشن ڪيس پيش ڪيا ويا، جن مان 16 ۾ فيصلو ٻڌايو ويو. چيئرمين اينٽي ڪرپشن ڪميٽي خوراڪ کاتي جي عملدار فوڊ انسپيڪٽر درمحمد سروهي خلاف 75782 ٻوريون بارداني ۾ گهوٻيون هڻي سرڪاري خزاني کي 15 ڪروڙ 67 لک 52 هزار 53 رپين جو نقصان پهچائڻ جي الزام هيٺ ڪرپشن جو ڪيس رجسٽرڊ ڪرڻ جو حڪم ڏنو. مٿس الزام آهي ته هُن ٻين آفيسرن ۽ عملي سان ملي ڀڳت ڪري ڪڻڪ خريداري ۾ غبن ڪري سرڪاري خزاني کي نقصان پهچايو. اهڙي ريت اينٽي ڪرپشن ڪميٽي پاران پوليس کاتي جي 5 ڪرپشن ڪيسن مان 3 ڪيس ڪورٽن ۾ هئڻ سبب التوا ۾ رکڻ، هڪ ڪيس ۾ محڪماڻي ڪارروائي جو فيصلو  ۽ ٻئي ڪيس بند ڪرڻ جو فيصل ڪيو ويو. چيئرمين ، تعليمي بورڊ سکر جي هڪ ڪيس ۾ ٻيهر جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪئي ، جڏهن ته آبپاشي کاتي جي هڪ ڪيس کي بند ڪيو ويو. اينٽي ڪرپشن ڪميٽي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جو هڪ ڪيس بند ڪرڻ ۽ ٻئي ڪيس جو ٽيڪنيڪل جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي ، اهڙي ريت صحت کاتي جي هڪ ڪيس  ۾ محڪماڻي ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو.  ان موقعي تي  ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن سکر منير احمد کهڙو  ڪميٽي کي تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن کي هدايت ڪئي ته اسپورٽس ڪامپليڪس سکر جي تعميراتي ڪم جو معيار چڪاس ڪيو وڃي ۽ ٺيڪيدار کي سڏائي ڪم جي معيار کي يقيني بڻائڻ جو پابند بڻايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو