ڪوٽڙي(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ طرفان 12 مئي جي شھيدن شھيد محمد نواز ڪنراڻي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ڪوٽڙي پريس ڪلب ۾ ورسي جو پروگرام ڪيو ويو. جنھن ۾ اياز لطيف پليجو مھمان خاص، سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون، مقصود جھتيال، امداد پنھور، اعجاز علي سومرو، شبير ساند، ذاڪر گرگيز، مبارڪ احمداڻي، منور جتوئي، وھاب ڪنراڻي ۽ ٻين اديبن، شاعرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ 12 مئي جا شھيد انصاف جا شھيد آھن. شھيد محمد نواز ڪنراڻي سچو انقلابي ساٿي ھو. سنڌ ۽ ملڪ جي تاريخ ۾ 12 مئي جو ڏينھن ڪارو ڏينھن آھي. شھيد محمد نواز ڪنراڻي سنڌ جو اھو ھيرو آھي، جنھن کي خبر ھئي ته مشرف جو دور آھي ۽ اڳيان دھشتگرد ٽولو چيف جسٽس سميت سڀني کي للڪاري رھيو ھو، تڏھن رسول بخش پليجو صاحب، حڪيم ھاليپوٽو، مظھر راھوجو، محمد نواز ڪنراڻي سميت ساٿي ۽ ڀينرون دھشتگردن آڏو ويا. ان ڏينھن ايم ڪيو ايم جي دھشتگردن 45 کان وڌيڪ ھٿين خالي ماڻھو گوليون ھڻي رت ۾ وهنجاري شھيد ڪري ڇڏيا. انھن دھشتگردن خلاف ملڪ جون عدالتون خاموش آھن. اقتداري مفادن خاطر انھن دھشتگردن کي ڪڏھن نفيس ماڻھو قرار ڏنو وڃي ٿو تہ ڪڏھن وزارتون ڏئي اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪيو وڃي ٿو. اياز لطيف پليجي چيو ته قومي عوامي تحريڪ ڪڏھن بہ ڪنھن سياسي ليڊر جي گرفتاري جي حمايت نٿي ڪري. جنھن طريقي سان عمران خان جي ڪورٽ مان شيشا ٽوڙي گرفتاري ڪئي وئي، اھو عمل درست ناھي، اسين ان جي مذمت ڪريون ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان ۾ خان غفار خان رسول بخش پليجو، اڪبر بگٽي، فيض احمد فيض، معراج محمد خان، سردار شوڪت، فاضل راھو، شيخ اياز سميت سڀني ليڊرن کي اھي سياسي ۽ آئيني رعايتون نہ مليون جيڪي ھن وقت عمران کي ملي رھيون آھن. عدالتن کي ٻين سياسي ڪارڪنن کي اھي سھولتون ڏيڻ گھرجن. سپريم ڪورٽ ٻين کي تہ ڪڏھن ائين نہ چيو تہ توھان کي ڏسي خوشي ٿي. ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاسي تي چاڙھيو ويو. رسول بخش پليجي کي 7 سال قيد ڪيو ويو. ٻين اڳواڻن کي ڪوڙا ۽ قيد ڏنا ويا. عمران خان جي گرفتاري نہ ٿيڻ گھرجي ھا. بينظير ڀٽو، رسول بخش پليجو ۽ ٻين جي گرفتاري بہ نہ ٿئي ھا. پر گرفتاري کان پوءِ جيڪا ٽوڙ ڦوڙ ڪئي وئي، ائين تہ ڪڏھن بہ ناھي ٿيو، ان سان ملڪ جي دنيا ۾ بدنامي ٿي آھي. قومي عوامي تحريڪ ان جي مذمت ڪري ٿي. اسين سپريم ڪورٽ کان مطالبو ٿا ڪريون تہ جيڪي بہ ماڻھو جلاء گھيراء ۾ ملوث آھن، انھن جو نوٽيس وٺي انھن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڊالر جي قيمت وڌي وئي آھي، بجلي، کاڌ خوراڪ سميت ھر شئي مھانگي ٿي وئي آھي. عوام جي چيلھ ٽوڙي وئي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ آدمشماري ۾ صرف ھڪ ٽولي جا تڪ وڌائڻ لاءِ رڳو ڪراچي جي چار ضلعن ۾ ڪوڙا انگ اکر ڏئي آدمشماري وڌائي پئي وڃي. اھا بوگس آدمشماري رد ڪئي وڃي. اسين مطالبو ڪريون ٿا تہ سنڌي، بلوچي ۽ سرائيڪي سياسي ڪارڪنن کي بہ اھڙا سياسي ۽ آئيني حق ڏنا وڃن جھڙا عمران خان کي ڏنا ويا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ جون جولاءِ ۾ وري ٻوڏ جو خطرو آھي، ان لاء حفاظتي قدم کنيا وڃن. ڪي اين شاھ، ميھڙ ۽ ٻين شھرن کي ھٿ سان نه ٻوڙيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ خالد مقبول ۽ ٻيا ايم ڪيو ايم ليڊر نفرت جي سياست ڪري رھيا آھن. سنڌي ۽ اردو ڳالھائيندڙ ڀائر آھن. لکين غير قانوني افغانين کي واپس ڪيو وڃي. ڌرين ۾ معاھدي کانپوءِ عمران خان کي آزادي ملي آھي. سڄي صورتحال اسڪرپٽ واري نظر اچي رھي آھي. ان ۾ ڊالر مھانگو ٿي رھيو آھي. غريب تباھ ٿي رھيو آھي. زرداري بزنس ٽائيڪون آھي، واپاري آھي. ھن جو سنڌين سان يا سنڌ سان واسطو ناھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ لاھور، اسلام آباد ۽ پنڊي ۾ ڊرامو ھلي رھيو آھي. پي ٽي آئي، ن ليگ، پ پ جي ايجنڊا تي سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن جي خوشحالي ناھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ايوب خان کي ھٽائڻ لاءِ تاشقند معاهدي خلاف ذوالفقار علي ڀٽو ھيرو ٿيو، پوءِ ڀٽي کي ڦاھي چاڙھيو ويو. ايم ڪيو ايم جھڙي فاشسٽ تنظيم ٺاھي پوءِ الطاف حسين مان ھٿ ڪڍيا ويا. ائين نواز، عمران ۽ ٻيا ٺاھيا ويا. اسلام آباد، راولپنڊي، لاھور ۾ ھلندڙ جھيڙي ۾ سنڌ جا وسيلا استعمال ٿي رھيا آھن. سنڌ جي پئسن تي پاڪستان جي سياست ھلي رھي آھي. سنڌ جي سياست مان تعليم، انصاف، صحت ۽ بنيادي حق گم آھن. آدمشماري، پاڻي تي ڌاڙي، سنڌ دشمن منصوبن، سنڌ ٽوڙڻ جي سازش خلاف اسين ميدان تي آھيون. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ لاءِ ڊگھي جدوجھد جي ضرورت آھي. ھڪ رات يا ڪجھ ڏينھن جو معاملو ناھي. سنڌ خلاف گھڻ پاسائي جنگ ھلي رھي آھي. ان لاء ثابت قدم ٿي بيھڻ جي ضرورت آھي. ڄامشورو ضلعو تباھ ٿيل آھي. ڪوھستان جون زمينون بلڊر مافيا کي ڏنيون ويون آھن. روينيو، پوليس، صحت سمورا کاتا ڪرپٽ مافيا وٽ يرغمال آھن. ڪروڙين ماڻھن کي پيئڻ جي پاڻي جي سھولت ناھي. ڪوٽڙي ۽ ڄامشوري جا ماڻھو قومي عوامي تحريڪ جو ساٿ ڏين. ڪوھستان ۽ پنھنجن حقن لاءِ جدوجھد ڪن. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي قومي عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيل امداد پنھور، اعجاز سومرو، نذير گاڏھي، محمد خان پنھور، علي رضا سومرو، بدرالدين جتوئي، امتياز چانڊيو، عبدالستار پنھور، عبدالوحيد پنھور، صورت علي ڇٽو ۽ امين ڪولاچي کي اجرڪ اوڍائي ڀليڪار ڪيو.










