ڳڻپ کان رهجي ويلن جي نشاندهي ڪريو، بيورو

ڳڻپ کان رهجي ويلن جي نشاندهي ڪريو، بيورو

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) پاڪستان ۾ ستين آدمشماري ڪرائيندڙ بيورو آف اسٽيٽسٽڪس پاران ايم ڪيو ايم جي ڊپٽي ڪنوينر فاروق ستار کي خط لکي چيو آهي ته ڳڻپ کان رهجي ويل علائقن جي نشاندهي ڪريو ۽ لسٽ پيش ڪريو جيئن انهن کي پهرين ڊجيٽل آدمشماري ۾ شامل ڪجي. بيورو جي ڊاڪٽر نعيم الظفر جي صحيح سان جاري ڪيل خط ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 4 ڀيرا آدمشماري جي حتمي تاريخ ۾ واڌ ڪئي وئي آهي ۽ آخري واڌ عيد جي موڪلن بعد 26 کان 30 اپريل تائين 5 ڏينهن جي واڌ شامل آهي. ڪراچي جي رهجي ويل 20 لک ماڻهن ۽ عمارتن کي اڳ ۾ ئي شامل ڪيو ويو آهي ۽ جيڪڏهن اوهان کي اڃا به ڳڻپ کان رهجي وڃڻ جي شڪايت آهي ته انهن علائقن، عمارتن ۽ ماڻهن جي نشاندهي ڪريو ۽ معلومات شيئر ڪريو.

Screen Shot
کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو