ڪراچي( باغي ساگر پنھوار ) يونين ڪائونسل ڪوٽيئرڙو جي مهراب جوکيو ڳوٺ تي مبينه قبضا گيرن هٿيارن جي زور تي حملو ڪري ڳوٺ جي مھاڳي واري زمين تي قبضو ڪري اڏاوت ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ڳوٺاڻا پنھنجي زمين کي بچائڻ خاطر مزاحمت تي لهي آيا جڏهن ته قبضي لاءِ آيل ماڻهن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا ۽ ڳوٺاڻن مٿا ڇتي فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت ڏھ ماڻهون شديد زخمي ٿي پيا آهن جن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، حسين بخش جوکيو صحافين کي ٻڌايو ته ڳوٺ جي زمين تي سليم جوکيو ۽ نور حسن جوکيو قبضو ڪري ڌارين کي وڪرو ڪري رهيا هئا ڳوٺاڻن جو اعتراض تي هنن ڪاوڙ ۾ اچي گهرن ۾ گهڙي عورتن مردن تي حملو ڪيو آهي انھن چيو ته ھي قبضا خور با اثر آھن پوليس به انھن سان ٻٽ بڻجي وانگارو ٿيڻ تي لھي آئي آھي، ليڪن اسان زمين ھر گز ڪنھن کي قبضو ڪرڻ نه ڏبو. ٻئي پاسي سليم جوکيو جو چوڻ آهي ته مهراب جوکيو ڳوٺ ۾ چند سال اڳ خريد ڪيل منھنجي زمين تي مزدور ڪم ڪري رهيا هئا ته مخالف ڌر جي ماڻهن حملو ڪري ڏنو..










