ڳوٺن ۾ تازين برساتن تباھي سبب بيماريون پکيڙڻ لڳيون،ميڊيڪل ڪيمپ قائم

ڳوٺن ۾ تازين برساتن تباھي سبب بيماريون پکيڙڻ لڳيون،ميڊيڪل ڪيمپ قائم

غوثپور (ن سنڌيار) غوثپور ۔ شھر ۽ آسپاس جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ تازين برساتن تباھي مچائي ڇڏي آھي۔ اھڙي صورتحال کي ڏسندي پاڪستان پيپلزپارٽي وارڊ چار جي ڪونسلر ڊاڪٽر نظير احمد شاھ جيلاني طرفان پنهنجي وارڊ جي برسات متاثرن لاء شھر جي ڊگري ڪاليج ۾ فري ميڊيڪل ڪيمپ جو بندوبست ڪيو ويو۔جنھن ۾ غوثپور رورل ھيلٿ سينٽر جي ايم ايس ڊاڪٽر سيد اعجاز احمد شاھ جيلاني جي تعاون سان ڳوٺ سياڻو خان اوڳاھي جنهن ۾ برسات متاثرين ٻھ سئو مريضن کي مفت چڪاس ڪري کين دوائون ڏنيون ويون۔ ان موقعي تي ڊاڪٽر نظير احمد جيلاني شاھ چيو ته غريب عوام جي خدمت جاري رھندي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو