ڳوٺاڻن جو وڻن جي واڍ خلاف احتجاج،ايف او هٽائڻ جو مطالبو

ڳوٺاڻن جو وڻن جي واڍ خلاف احتجاج،ايف او هٽائڻ جو مطالبو

ميرپورماٿيلو (ن سنڌيار) ميرپورماٿيلو جي لنڊ مائينر تان خانگي ايف او ڪيترائي سرڪاري وڻ وڍرائي ڇڏيا، کاتيدارن جو احتجاج، مٿس ڪيس داخل ڪري قيمتي وڻ وڍڻ کان بچائڻ جو مطالبو.تفصيل موجب: سيڊا جي خانگي ايف او چيئرمين وڪيل لنڊ پاران ميرپورماٿيلي لڳ جروار مائينر مان نڪرندڙ لنڊ مائينر جي ڪنڌي تان ڪيترائي سرڪاري قيمتي وڻ وڍرائي ڇڏيا آھن. جنھن خلاف جروار ۽ ڀرپاسي جي رھواسي لنڊ مائينر جي کاتيدارن گذريل ڏينھن ميرپورماٿيلي پريس ڪلب پھچي احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي ربنواز گبول، صدام حسين، جنيد گبول، زاھد ۽ ٻين دانھيندي چيو ته وڪيل لنڊ بااثر شخص آھي. جنھن سندن جي زمينن جي مھاڳن تي ايريگيشن جا درجنين وڻ ھيوي مشينن ذريعي وڍرائي کڻائي لکين روپين ۾ وڪرو ڪري ڇڏيا آھن. جيڪو ھر پاسي کان لنڊ واھ تان سرڪاري وڻ پيو وڍرائي. جنھن کي ھتان جي ڀوتارن جي سپورٽ حاصل آھي. ھنن وسوارن کان وڪيل لنڊ خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ۽ ٻيا وڻ وڊجڻ کان بچائڻ جو مطالبو ڪيو.ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي سب انجنيئر ميرپورماٿيلو سب ڊويزن سرفراز مھر ٻڌايو ته انجنيئر ۽ ايس ڊي او جي چوڻ تي ھو ڪالھ انڪوائري ڪري آيو آھي.ھن چيو ته ڄاڻايل گبول کاتيدارن جي مھاڳ تي لنڊ مائينر جي ڪنڌي تان وڪيل لنڊ ھڪ درجن کن وڻ وڍرايا آھن،جن وڻن جا ٿڙ موجود آھن.ھن اھڙي لکت ۾ انڪوائري رپورٽ انجنيئر ۽ ايس ڊي او وٽ جمع ڪرائي آھي.وڌيڪ ڪاروائي اھي ئي ڪري سگھن ٿا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو