گڏيل اجلاس،افغانين جي نيڪالي جو مطالبو، ڊجيٽل آدمشماري رد

گڏيل اجلاس،افغانين جي نيڪالي جو مطالبو، ڊجيٽل آدمشماري رد

حيدرآباد: (ويب ڊيسڪ) جيئي سنڌ ھلچل سان لاڳاپيل پارٽين جو اجلاس جيئي سنڌ محاذ جي ميزباني ھيٺ محاذ جي چئيرمين رياض علي چانڊيو جي رھائشگاهه تي ٿي گذريو.جنھن ۾ جيئي سنڌ محاذ جي چئيرمين رياض چانڊيو، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چئيرمين نواز خان زئور، جسقم اڳواڻ ديدار شام، جسقم آريسر جي اڳواڻ اسماعيل ناز نوتڪاڻي، جيئي سنڌ تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري قيوم ابڙو، جيئي سنڌ ھلچل جي سنئير اڳواڻن ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ايڊوڪيٽ علي حسن چانڊيو، حاجي انور ڪرناڻي ۽ محاذ اڳواڻ نواز شاهه ڀاڏائي شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ جيئي سنڌ سان لاڳاپيل پارٽين وچ اتحاد جوڙڻ تي اتفاق ڪيو ويو سنڌ جي مختلف اھم مسئلن تي گڏيل جھدوجھد ڪرڻ لاءِ باضابطا اتحاد جي قيام لاءِ ايندڙ گڏجاڻي 7 جولائي تي حيدرآباد ۾ جيئي سنڌ محاذ جي ميزباني ھيٺ محاذ چئيرمين رياض چانڊيو جي رھائشگاهه سخي ستارڏنو چولياڻي ھائوس تي رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنھن ۾ اتحاد کي حتمي شڪل ڏني ويندي.اجلاس ۾ ڊجيٽل آدمشماري کي رد ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته افغانين سميت سمورن ڌارين کي واپس سندن علائقن ڏانھن موڪليو وڃي، اھي بين القوامي دھشتگرد آھن، جيڪي ڪراچي ۾ روز ھڪ سنڌي جو لاش موڪلين ٿا. پيپلزپارٽي سندن سھولتڪار آھي، نادارا کين شناختي ڪارڊ ٺاھي ڏئي رھي آھي، افغانستان جون حالتون پرامن آھن، فوري طور افغانين کي واپس موڪليو وڃي، ڌارين جي آبادڪاري سنڌ جي وسيلن تي بار ھجڻ سان گڏ بدامني ۽ دھشتگردي ۾ پڻ ملوث آھي. اجلاس ۾ سنڌ جي سمورن پيداواري وسيلن تي سنڌ جي مالڪي تسليم ڪرڻ جي گھر ڪئي وئي. سنڌو درياهه ۽ ان جي ڀرتو ندين تي قبضو ۽ پاڻي جي ٻين رٿائن تي پنجاب پاران درياھن تي قبضو قرار ڏيندي رد ڪيو ويو. اجلاس ۾ چيو ويو ته مرڪز جي پاليسين سبب شاھوڪار سنڌ جا ماڻھو غربت جي ور چڙھي ويا آھن، جڏھن ته سنڌ جي سمنڊ پاڻي ۽ پيداواري وسيلن جي سخت ڦرلٽ ٿي رھي آھي، جنھن سبب سنڌ جا ماڻھو دربدر آھن ٻوڏ متاثر سنڌي ان جو وڏو مثال آھن. ھڪ سال جيترو عرصو گذرڻ باوجود انھنن جي بحالي نه ٿي سگھي آھي.اجلاس ۾ جست جي چئيرمين سورھيه سنڌي سميت پرامن قومي ڪارڪنن جي گرفتارين ۽ جبري گمشدگين جي مذمت ڪندي چيو ويو ته سنڌ ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون بند ڪيون وڃن، گرفتار ۽ گم ڪيل سڀني پرامن سياسي ڪارڪننن کي آزاد ڪيو وڃي. اجلاس ۾ پنھل جمالي، ايڊوڪيٽ عامر عمراڻي، نظير شيخ ۽ محفوظ نوتڪاڻي شريڪ ٿيا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو