گڊو تي مٿانهين ۽ سکر بيراج تي وچولي درجي جي ٻوڏ جاري

گڊو تي مٿانهين ۽ سکر بيراج تي وچولي درجي جي ٻوڏ جاري

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته گڊو بيراج تي مٿانهين ۽ سکر بيراج تي وچولي ٻوڏ جاري آهي. صوبائي وزير اطلاعات شرجيل ميمڻ پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته صوبائي حڪومت سمورن بيراجن جي صورتحال تي نظر رکي ويٺل آهي عوام جي جان، مال جي تحفظ لاءِ ريسڪيو، رليف ۽ بحالي جي سرگرمين ۾ مڪمل طور تي مصروف آهي. هن ٻڌايو ته پنجند ۾ مٿانهين درجي جي ٻوڏ آهي جتي هاڻ اسٽريم ۽ ڊائون اسٽريم جو وهڪرو 402.919 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. گڊو بيراج تي اپ اسٽريم جو وهڪرو 612.269 ڪيوسڪ ۽ ڊائون اسٽريم جو وهڪرو 582.942 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.شرجيل ميمڻ چيو ته سکر بيراج تي اپ اسٽريم 488.820 ڪيوسڪ ۽ ڊائون اسٽريم 438.390 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ڪوٽڙي بيراج تي اپ اسٽريم جو وهڪرو 274.129 ڪيوسڪ ۽ ڊائون اسٽريم 261.399 ڪيوسڪ آهي.هن چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 5269 ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي، هينئر تائين منتقل ٿيل ماڻهن جو گڏيل انگ 163.364 ٿي ويو آهي. ڪچي جي علائقن مان 252 ماڻهو رليف ڪيمپس ۾ منتقل ٿيا، رليف ڪيمپس ۾ موجود ماڻهن جو گڏيل انگ 469 آهي.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سن حڪومت طرفان 177 فڪسڊ ۽ موبائل هيلٿ سائٽس قائم ڪيون ويون آهن جتي گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 6.596 مريضن جو علاج ڪيو ويو، هينئر تائين گڏيل طور تي 84.118 مريضن کي طبي سهولتون ڏنيون ويون آهن. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 11.569 چوپائي مال کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو جنهن کان پوءِ هينئر تائين منتقل ٿيل چوپائي مال جو انگ 438.835 تائين پهچي ويو آهي. 51.308 چوپائي مال کي گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ويڪسين ۽ علاج فراهم ڪيو ويو جنهن جو گڏيل انگ 1.232.223ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو