سکر (بيورو رپورٽ): چوماسي جي برساتن کانپوءِ درياهه سنڌ ۾ گڊو بئراج وٽ پاڻي جي سطح ۾ وڌيڪ واڌ ٿي وئي آهي، جنهن ڪري بئراج تي ننڍي درجي جي سيلابي صورتحال برقرار آهي. فلڊ ڪنٽرول روم پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب، گڊو بئراج تي درياهي پاڻي جي آمد 2 لک 82 هزار 744 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پاڻي جو نيڪال 2 لک 44 هزار 919 ڪيوسڪ رهيو. ڪنٽرول روم جي عملدارن اڳڪٿي ڪئي آهي ته مٿانهين علائقن مان ايندڙ سيلابي ريلي جي ڪري ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن دوران گڊو بئراج وٽ پاڻي جي سطح اڃا وڌيڪ مٿي چڙهڻ جو امڪان آهي، جنهن لاءِ ڪناري وارن آبادين کي محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.










