اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ الائنس پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جي ڪري ڀاڙن ۾ واڌ جو اعلان ڪيو آهي.پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ الائنس جي صدر ملڪ شهزاد اعواڻ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ تي بيان ڏيندي چيو ته پاڪستان جا ٽرانسپورٽر پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جي مذمت ڪن ٿا.ملڪ شهزاد اعواڻ چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جي ڪري اهي سامان جي ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ 10 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪن ٿا.هن چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ مسلسل واڌ جي ڪري ملڪ ۾ مهانگائي وڌي رهي آهي، وفاقي حڪومت جي غلط پاليسين جي ڪري لکين ماڻهو بيروزگار ٿي رهيا آهن.پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ الائنس جي صدر ملڪ شهزاد اعواڻ موٽر وي پوليس ۽ ٽريفڪ پوليس سميت سڀني چالانن کي ختم ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو.










