گيس ليڪيج سبب بدبور پاڻي اچڻ تي شهري پريشان

گيس ليڪيج سبب بدبور پاڻي اچڻ تي شهري پريشان

خانپورمهر(رپورٽ:آفتاب سيال)ڳوٺ عالم خان گڏاڻي ۾ گئس پائپ لائين ليڪيج ٿيڻ ڪري پائيپ ۾ گندو پاڻي گڏجي ويو آهي جنهن سبب ڳوٺ جي مختلف هنڌن تان گئس پائپ لائين مان گئس بدران گندو پاڻي اچڻ لڳو جڏهن ته گئس پائيپ لائين  ۾ گندو پاڻي داخل ٿيڻ ڪري گئس جي فراهمي معطل ٿي وئي، انهي حوالي سان ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته انتظاميه کي ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪري چڪا آهيون پر هن مهل تائين گيس جي ليڪ ٿيل پائيپ لائين کي ٺيڪ ناهي ڪيو جنهن سبب گيس جي فراهمي معطل ٿيل آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو