ڪراچي(ويب ڊيسڪ) هالينڊ جي عدالت تهريڪ لبيڪ پاڪستان جي ٻن اڳواڻن کي پنهنجي پولڳن کي سياسي اڳواڻ گيرت ولڊرز کي قتل لاءِ اڪسائڻ جي الزام۾ سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. تحريڪ لبيڪ جي سربراهه 29 سالن جي سعد رضوي کي 4 سال ۽ تحريڪ جو ڌار گروپ هلائيندڙ 56 سالن جي محمد اشرف جلالي کي 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. ان کان اڳ ڪرڪيٽر خالد لطيف کي به ساڳئي الزام هيٺ 12 سال قيد جي سزا ڏني وئي هئي. ٽنهي خلاف سندن غير موجودگي ۾ ٽرائل ٿيو ۽ سزا مليون. نيدرلينڊ جي عدالت پاڪستان کي جوابدار پيس ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي پر بنهي ملڪن ۾ ڪو قانوني معاهدو نه هئڻ ڪري پاڪستان ان تي عمل نه ڪيو. گيرت ولڊرز پيغمبر اسلام جي خاڪن تي مشتمل نمائش جو اعلان ڪيو هو جنهن تي مٿس قتل جي فتوا جاري ڪئي وئي هئي.گيرت ولڊرز جي فريڊم پارٽي گذريل نومبر واري چونڊ ۾ وڏي اڪثريت حاصل ڪئي هئي.










