گوگل سرچ ڊيٽا جاري، پاڪستاني ڇا ڳوليندا آهن؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گوگل دنيا جي سڀ کان وڏي سرچ انجڻ آهي جتي انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ هر ماڻهو ڪجهه نه ڪجهه ڳولي ٿو ۽ مطمئن ڪندڙ معلومات حاصل ڪري ٿو. تازو جاري ڪيل ڊيٽا موجب  هر سيڪنڊ ۾ 63 هزار، هڪ منٽ ۾ 28 لک، هر ڪلاڪ ۾ 22 ڪروڙ 80 لک ۽ هر ڏينهن 5 ارب 60 ڪروڙ کان مٿي ڀيرا ۽ سال ۾ 2 هزار ارب کان وڌيڪ ڀيرا گوگل تي ڪجهه نه ڪجهه ڳولڻ لاءِ سرچ ڪيو ويندو آهي جن مان 16 کان 20 سيڪڙو ڳولڻ واريون ڪوششون اهي هونديون آهن جن کي پهريون ڪڏهن به ڳوليو ناهي ويندو.رپورٽ موجب پاڪستان جا شهري سڀ کان وڌيڪ ڊراما سرچ ڪندا آهن. ماضي ۾ ٻڌايو ويو هو ته پاڪستاني فحش ويڊيو وڌيڪ سرچ ڪندا آهن. ڀارت جا شهري گوگل تي سڀ کان وڌيڪ فلمون ۽ کاڌن بابت سرچ ڪندا آهن. آمريڪا ۾ يونيورسٽين کي سڀ کان وڌيڪ گوگل ذريعي سرچ ڪيو ويندو آهي جڏهن ته افغانستان ۾ جنگي فلمون سڀ کان وڌيڪ ڳوليون يا پسند ڪيون وينديون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو