گورنر کي وڏي وزير پنهنجي تڪ ۾ امداد ورهائڻ کان روڪيو: ڪمال

گورنر کي وڏي وزير پنهنجي تڪ ۾ امداد ورهائڻ کان روڪيو: ڪمال

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال جو چوڻ آهي ته سنڌ جي گورنر کي وڏي وزير پنهنجي تڪ ۾ وڃڻ کان روڪيو ۽ امداد ورهائڻ کان به منع ڪئي.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته جڏهن کان پهرين شفاف آدمشماري ٿي رهي آهي، سنڌ حڪومت قومپرستن کي سڏائي ڊرامو شروع ڪري ڇڏيو آهي. مصطفيٰ ڪمال چيو ته اها تعصب ۽ نسل پرستي جي انتها آهي جو سنڌ جو وڏو وزير سنڌ جي گورنر کي پنهنجي تڪ ۾ وڃڻ نه ٿو ڏئي.هن چيو ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو جڏهن اسان 20 هنڌن تي ڌرڻا ڪنداسين، ان وقت ملڪ ۾ رجحان ڏسي ئي فيصلا ڪيا پيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو